ڪشمور (رپورٽ – مرضيٰ مزاري ) ڪشمور ڀرسان ڊکڻ بنگلو واري علائقي مان 3 مهينا اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ناري جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاج ڪيو. وارثن سان گڏ مبينا جوابدارن جي زال به معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ۾ شامل ٿي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ناري کي مبينا طور اغوا ٿيڻ کي 3 مهينا گذري ويا آهن، پر هن وقت تائين سندس بازيابي لاءِ اثرائتا قدم ناهن کنيا ويا. وارثن مطالبو ڪيو ته ناري کي فوري طور بازياب ڪرائي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
وارثن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته واقعي سبب خاندان سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي، جڏهن ته ٻارڙا پڻ پنهنجي ماءُ جي واپسي جا منتظر آهن.


