ٽنڊوالهيار ( خميسو دائوداڻي ) ٽنڊوالهيار شهر جو گرلز ڊگري ڪاليج پيئڻ جي پاڻي، باٿ روم ۽ صفائي سٿرائي سميت بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، جڏهن ته ليڪچرارن ۽ پرنسپل جي کوٽ سبب شاگردياڻين جو انگ پڻ گهٽجڻ لڳو آهي.
علائقي واسين موجب ڪاليج جي عمارت کي 14 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چوديواري نه هجڻ سبب ڪاليج جي عمارت غير محفوظ بڻيل آهي ۽ موالين جي آماجگاهه بڻجي وئي آهي. شاگردياڻين ۽ والدين مطالبو ڪيو آهي ته ڪاليج جون بنيادي سهولتون بحال ڪري، عمارت مڪمل ڪرڻ سان گڏ ليڪچرارن ۽ پرنسپل جون خالي جايون ڀريون وڃن.
وڌيڪ تفصيلن لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪريو


