Focus with Zardari

شڪارپور: نبي شاهه وڳڻ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ، پيءُ ۽ 6 ورهين جو پٽ قتل

1 Min Read

شڪارپور ( رپورٽ: عتيق ڌڪڙ ) شڪارپور جي نبي شاهه وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ 80 لاڙي وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ سندس 6 ورهين جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب موٽر سائيڪل تي ويندڙ 55 ورهين جي غلام حسين جعفري ۽ سندس 6 ورهين جي پٽ عبدالستار جعفري کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو، ٻئي ڄڻا واقعي واري هنڌ ئي مارجي ويا.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي پيءُ پٽن جا لاش تعلقي اسپتال ڳڙهي ياسين منتقل ڪري ڇڏيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي. شروعاتي جاچ موجب واقعو جعفري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment