خيرپور (رپورٽر) پريالو ٿاڻي جي حد ۾ لنڪ روڊ تي گشت ڪندڙ پوليس اهلڪار اظير سولنگي کي هٿياربندن يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندس سرڪاري هٿيار، موٽر سائيڪل، موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
پوليس اهلڪار موجب کيس اطلاع مليو ته لنڪ روڊ تي اڳتي هٿياربند ڦر ڪري رهيا آهن، جنهن بعد هن ٿاڻي کي آگاهه ڪري واقعي واري هنڌ ڏانهن روانو ٿيو.
اهلڪار جي پهچڻ تي هٿياربندن مٿس حملو ڪري کيس يرغمال بڻايو. زخمي پوليس اهلڪار کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.


