خيرپور (رپورٽر) پوائنٽ آف سيل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف خيرپور جي خانگي ميڊيڪل سينٽرن ۽ پرائيويٽ اسپتالن کي بند ڪري ڊاڪٽرن پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو، ريلي ۽ ڌرڻو هنيو ويو.
احتجاج جي اڳواڻي اڳوڻي ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو، ڊاڪٽر آزاد لاشاري، ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي، آفتاب لاشاري، جاويد سمون، ظفر جتوئي، مختيار ڪلهوڙو ۽ ٻين ڪئي. مظاهرين پاران پي او ايس خلاف نعريبازي پڻ ڪئي وئي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته پوائنٽ آف سيل لاڳو ڪري کين سخت پريشان ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڊاڪٽر ڪا شيءِ وڪرو نه پر طبي خدمتون فراهم ڪن ٿا. هنن چيو ته پي او ايس ٽيڪس ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ان جو بار سڌو سنئون عوام تي پوندو، تنهنڪري اهو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.


