Focus with Zardari

ڪي پي ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي، وزيراعظم وٽ اجلاس، صدر سان به ملاقات جو امڪان

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس ۾ خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳائڻ سميت مختلف آئيني آپشنز تي غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب، وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ اهم ذميوارن شرڪت ڪئي، جنهن دوران ڪي پي سميت ملڪ جي مجموعي امن امان واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزير محسن نقوي اجلاس کي امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي اعلان ۽ بئڪ ڊور رابطن تي پڻ غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ ڪي پي جي صورتحال جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 233 ۽ 234 بابت راءِ ورتي وئي.

- Advertisement -

ان حوالي سان صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ملاقات جو پڻ امڪان آهي، جنهن ۾ آئيني قدمن بابت حتمي غور ڪيو ويندو.

وفاقي وزيرن جو موقف آهي ته ڪي پي حڪومت سياسي مقصدن کي اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ ٽي ٽي پي جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارن کي گهربل سهڪار فراهم نه ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment