ڪراچي (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي ڪراچيءَ جي امير منعم ظفر خان ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جي امتحان ۾ مبينا بي ضابطگين، بدانتظامي ۽ شفافيت بابت خدشن تي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر رضوان تاج کي خط لکي ڇڏيو آهي.
خط ۾ منعم ظفر خان مطالبو ڪيو آهي ته 20 سيپٽمبر تي ٿيل ايم ڊي ڪيٽ امتحان بابت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شڪايتن جو آزاداڻي ۽ اڻ ڌري نموني جائزو ورتو وڃي، جڏهن ته نتيجن ۾ امڪاني ڦيرڦار جي خدشن کي به شفاف جاچ ذريعي ختم ڪيو وڃي.
هن چيو ته ڪراچيءَ جي 9 هزار 505 اميدوارن لاءِ رڳو ٻه امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا، جيڪي ٻئي يونيورسٽي روڊ تي هئا. هن علائقي ۾ اڳ ئي ٽريفڪ ۽ ريڊ لائين منصوبي جي تعميراتي ڪم سبب اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته اميدوارن کي شهر جي پري وارن علائقن مان انهن ٻن مرڪزن تائين پهچڻ تي مجبور ڪيو ويو.
منعم ظفر خان موجب پشاور ۾ 16 هزار 722 اميدوارن لاءِ 19، جڏهن ته لاهور ۾ 12 هزار 64 اميدوارن لاءِ 6 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا. هن سوال اٿاريو ته ڪراچيءَ ۾ اميدوارن جي وڏي انگ باوجود امتحاني مرڪزن جو تعداد ايترو گهٽ ڇو رکيو ويو.
جماعت اسلامي ڪراچيءَ جي امير چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جهڙي اهم امتحان جي ذميواري آءِ بي اي سکر کي ڏيڻ واري فيصلي تي به سنجيده سوال پيدا ٿين ٿا. سندس دعويٰ موجب امتحاني پرچو واپس وٺڻ بابت هدايتن ۽ حياتيات، ڪيمسٽري توڙي فزڪس جي جوابي ڪيز تي به اعتراض ۽ شڪايتون سامهون آيون آهن. پيپر ڪوڊ A ۽ D جي جوابي ڪيز بابت پڻ شڪايتن جو آزاداڻي جائزو وٺڻ گهرجي.
منعم ظفر خان موجب ايم ڊي ڪيٽ لاءِ پي ايم ڊي سي لڳ ڀڳ هڪ ارب 26 ڪروڙ 30 لک رپيا وصول ڪيا. هن مطالبو ڪيو ته امتحاني فيس جي مد ۾ وصول ڪيل رقم جو مڪمل ۽ تفصيلي حساب ڪتاب عوام آڏو پيش ڪيو وڃي.
هن پي ايم ڊي سي کان مطالبو ڪيو ته ايم ڊي ڪيٽ 2026ع بابت غيرجانبداراڻي، شفاف ۽ قابلِ اعتماد جاچ ڪرائي وڃي، شاگردن ۽ شاگردياڻين جا جائز خدشا ختم ڪيا وڃن ۽ امتحاني نظام تي عوام جو اعتماد بحال ڪيو وڃي.


