Focus with Zardari

راڻيپور ۾ پبلڪ هيلٿ جي ترقياتي اسڪيمن ۾ مبينا بي ضابطگيون، شهرين جو احتجاج

1 Min Read

گمبٽ ( ممتاز ميمڻ) راڻيپور ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي ترقياتي اسڪيمن ۾ مبينا بي ضابطگين ۽ ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت جي الزامن خلاف وائيس آف راڻيپور پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙ اڳواڻن علي امداد لاڙڪ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان مبينا بي ضابطگين بابت جواب طلب ڪندي اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف آءِ اي کان معاملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

وائيس آف راڻيپور جي اڳواڻن اعلان ڪيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ سومر کان پبلڪ هيلٿ آفيس راڻيپور اڳيان ٻيهر احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment