نوابشاهه (رپورٽ: اي ڪي ڏاهري): قاضي احمد جي دوست محمد ڪالوني ۾ 13 ورهين جي نينگري انيلا کوکر سان مبينا اجتماعي زيادتي واري ڪيس ۾ گرفتار چئن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ٻن جوابدارن جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو، جڏهن ته عورت ۽ سندس ڌيءَ کي جوڊيشل رمانڊ تي وومين جيل حيدرآباد موڪليو ويو.
پوليس گرفتار جوابدارن محمد شاهه، ريحانه شاهه، خوشبو شاهه ۽ ياسر ڀٽي کي قاضي احمد جي عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس جي رمانڊ بابت درخواست تي عدالت جوابدارن ياسر ڀٽي ۽ محمد شاهه جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
عدالت جوابدار عورت ريحانه شاهه ۽ سندس ڌيءَ خوشبو شاهه کي ٽن ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي وومين جيل حيدرآباد موڪلڻ جو حڪم ڏنو. ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تي ٿيندي.
ٻئي طرف ڪيس جي جاچ دوران متاثر نينگري ۽ شڪي جوابدارن جا ڊي اين اي نمونا گڏ ڪرڻ جو عمل جاري آهي، فارينزڪ جاچ لاءِ رت، وار، چمڙي جي خلين ۽ ٻين حياتياتي نمونن کي گڏ ڪري ليبارٽري موڪلڻ جو عمل ڪيو پيو وڃي ته جيئن واقعي بابت ثبوتن جو جائزو وٺي سگهجي.
هوڏانهن متاثر نينگري جي والدين ۽ وارثن ڊي ايس پي قاضي احمد، ٽائون چيئرمين ڄام چنگيز خان انڙ، سماجي اڳواڻ رمضان لاشاري ۽ پ پ اڳواڻ رضا ڌاريجو سان گڏ ايس ايس پي آفيس پهچي ايس ايس پي کي واقعي جا تفصيل ۽ پنهنجا خدشا ٻڌايا.
ذريعن موجب، پ پ عورت ونگ جي اڳواڻ ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کي پڻ ٽائون چيئرمين ڄام چنگيز خان انڙ معاملي کان آگاهه ڪيو آهي، جنهن تي فريال ٽالپر پاران نوٽيس وٺڻ جا اطلاع آهن.


