شڪارپور (عتيق ڌڪڙ) لکي باءِ پاس موڙ تي سم شاخ وٽ تيز رفتار وين جي ٽڪر ۾ نوجوان سيد وحيد علي شاهه فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي کانپوءِ وين کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب گاڏي مڪمل طور سڙي رک ٿي وئي.
رپورٽن موجب، نوجوان کي ٽڪر هڻڻ کانپوءِ وين فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن بعد گاڏيءَ ۾ باهه ڀڙڪي پئي.
واقعي جي اطلاع تي فائر برگيڊ ۽ لکي پوليس پهچي وئي، جن باهه تي ضابطو آندو. فوتي نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال لکي غلام شاهه منتقل ڪيو ويو.
فوتي نوجوان جو تعلق الف شاهه پير واري علائقي سان ٻڌايو پيو وڃي. حادثي کانپوءِ وين ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


