Focus with Zardari

پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪي گڏيل دفاعي معاهدو علائقائي امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

2 Min Read

ڪراچي(ويب نيوز) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٿيل مڪي گڏيل دفاعي معاهدي کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت قرار ڏئي ڇڏيو.

آمريڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستاني فوج ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سعودي عرب ۾ موجود آهي ۽ مختلف صلاحيتن توڙي شعبن ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته مڪي گڏيل دفاعي معاهدو اوچتو وجود ۾ آيل اتحاد ناهي، ان تي عمل ۽ ان جي اثرن جو تعلق دفاعي نوعيت سان هوندو. معاهدي تحت ڪهڙو دستو موڪليو ويندو ۽ ان کي ڪهڙي طريقي سان استعمال ڪيو ويندو، ان بابت فيصلا آپريشنل ڪمانڊر ڪندا.

ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته هي معاهدو ڪنهن کي دشمن يا دوست قرار ڏيڻ لاءِ ناهي، پر ان جو مقصد سعودي عرب جو دفاع ڪرڻ آهي.

- Advertisement -

سندس چوڻ هو ته معاهدي کي نظر ۾ رکندي ڪو به عنصر پنهنجن مبينا منفي مقصدن تي عمل ڪرڻ کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سوچيندو.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بابت ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ ختم ڪرائڻ ۽ معاهدي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ڪندو رهندو.

هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته اختلاف گهٽ ٿين، ڳالهين ذريعي تڪرار جو پرامن حل نڪري ۽ جنگ وڌيڪ نه پکڙجي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان غيرجانبداريءَ سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، علائقائي امن ۽ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ۽ جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ سان ڪنهن کي به فائدو نه ٿيندو.

Share This Article
Leave a Comment