حيدرآباد ( رپورٽ: ذاڪر لغاري ) سينئر صحافي عبدالغفور سروهي کي مبينا طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف صحافين، وڪيلن، وارثن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پاران ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. واقعي جي 14 ڪلاڪن کانپوءِ پوليس صحافي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، جڏهن ته مٿس هڪ عورت سان زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل هجڻ ڄاڻائي عدالت کان ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويو.
تفصيل موجب، حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي سچل سينٽر ۾ پوليس رات جو اڍائي وڳي سينئر صحافي عبدالغفور سروهي جي گهر تي ڪاهه ڪري کيس پاڻ سان گڏ کڻي وئي. وارثن ۽ صحافي برادري پاران سندس گرفتاري ظاهر نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ صحافين، وڪيلن، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.
احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي مطالبو ڪيو ته صحافي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. واقعي خلاف سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به صحافين ۽ ساڃاهه وندن پاران ردعمل ظاهر ڪيو ويو.
احتجاج ۽ دٻاءَ کانپوءِ مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس واقعي جي 14 ڪلاڪن کانپوءِ عبدالغفور سروهي جي گرفتاري ظاهر ڪئي. پوليس کيس حيدرآباد جي سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 12 جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پوليس هڪ عورت سان زيادتي جي ڪوشش واري الزام هيٺ داخل ڪيس نمبر 343 ۾ سندس گرفتاري ڄاڻائي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو.
عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران عبدالغفور سروهي پوليس حراست ۾ تشدد ڪرڻ جي شڪايت ڪئي. هن الزام هنيو ته کيس سي آءِ اي سينٽر ۾ رکيو ويو، جتي مٿس تشدد ڪيو ويو. صحافي جي شڪايت تي عدالت سندس طبي معائني جو حڪم ڏنو.
ٻئي پاسي، عبدالغفور سروهي جي ڀاءُ قيوم سروهي پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي الزام هنيو ته ايس ايس پي حيدرآباد هن معاملي ۾ ڌر بڻيل آهي ۽ سندس ڀاءُ خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.
قيوم سروهي سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، سندس ڀاءُ کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن مٿس داخل ڪيس ڪوڙو ثابت ٿئي ته کيس آزاد ڪيو وڃي.


