Focus with Zardari

مير علي مراد خان ٽالپر جو لاڏاڻو خيرپور ۽ سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهي: وڏو وزير

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه والي رياست خيرپور هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر جي وفات تي پرنس مير مهدي رضا ٽالپر سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته مير علي مراد خان ٽالپر جو لاڏاڻو خيرپور ۽ سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهي، سندن شخصيت ۽ خدمتون انتهائي اهميت رکن ٿيون.

وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪٿي به ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کي خراب عمل سمجهي ٿي. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ خيبر پختونخواهه کي دهشتگرديءَ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي بجيٽ فراهم ڪئي هئي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت فيض محل ۽ ڪوٽڏيجي قلعي سميت خيرپور رياست جي تاريخي ماڳن ۽ ورثي جي حفاظت لاءِ ڪم ڪندي. هن اعلان ڪيو ته ڪوٽڏيجي ۾ ڊائلاسز سينٽر ۽ موبائل هيلٿ سروس شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن سان علائقي جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

Share This Article
Leave a Comment