Focus with Zardari

مون کي يا منهنجي خاندان کي نقصان پهتو ته ذميوار ايس ايس پي دادو هوندو: امِ رباب چانڊيو

1 Min Read

دادو (رپورٽر) امِ رباب چانڊيو پنهنجي سئوٽ رياض علي چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد روپوش جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ تي دادو پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته جوابدارن جي نشاندهي باوجود کين گرفتار نه پيو ڪيو وڃي، جڏهن ته اهي آزاداڻي نموني گهمي رهيا آهن.

پنهنجي بيان ۾ امِ رباب چانڊيو چيو ته 9 جولاءِ 2026ع تي ميهڙ ۾ فائرنگ ڪري سندس سئوٽ رياض علي چانڊيو کي قتل ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ نامزد 10 جوابدارن مان 6 اڃا تائين روپوش آهن. هن چيو ته سندس والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيسن سان لاڳاپيل جوابدارن جي گرفتاري بابت به سنجيده قدم کڻڻ گهرجن.

هن خبردار ڪيو ته مون يا منهنجي خاندان کي ڪو نقصان پهتو ته ان جو ذميوار ايس ايس پي دادو صدام خاصخيلي هوندو. امِ رباب چانڊيو آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي روپوش جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ کيس توڙي سندس خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment