Focus with Zardari

ڪراچي: سي ٽي ڊي ۽ حساس اداري جون گڏيل ڪارروايون، 3 مبينا دهشتگرد گرفتار

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪراچي ۽ وفاقي حساس اداري گڏيل ڪارروايون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان لاڳاپن جي شڪ ۾ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب لسبيله چوڪ بس اسٽاپ ڀرسان ڪارروائي دوران بي ايل اي سان لاڳاپن جي الزام هيٺ ساجد يوسف ۽ شوڪت علي عرف شوڪي کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان 2 دستي بم هٿ ڪيا ويا. ٻي ڪارروائي اولڊ سبزي منڊي وٽ ڪئي وئي، جتان ٽي ٽي پي سان لاڳاپن جي شڪ ۾ داد محمد عرف عادل کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ تيار ٿيل ديسي بم (آءِ اي ڊي) هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

ترجمان موجب گرفتار جوابدار ڪراچي ۾ حساس هنڌن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا. جوابدارن خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي تي 3 ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment