ڪراچي (رپورٽر) ملير جي بن قاسم واري علائقي گلشن حديد جي هڪ خانگي رهائشي سوسائٽي ۾ بند گهر مان هڪ ئي خاندان جي 5 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن. فوتين ۾ شاهزيب، سندس گهرواري صبا، ڀيڻ شمائلا ۽ 2 ننڍيون نياڻيون ايزل ۽ آريا شامل آهن.
پوليس موجب زال مڙس جا لاش صوفي تي پيل هئا، ٻنهي جي مٿي تي گولين جا نشان هئا، جڏهن ته صبا جي هنج مان پستول پڻ هٿ آيو. ٻارن ۽ شاهزيب جي ڀيڻ جا لاش بستري تان مليا، جن کي شڪ آهي ته فائرنگ کان اڳ نياڻين کي زهر ڏنو ويو هجي، پر ان جي تصديق پوسٽ مارٽم ۽ جاچ کانپوءِ ٿيندي.
پوليس کي واقعي واري هنڌ تان هڪ خط پڻ مليو آهي، جڏهن ته ڪرائم سين يونٽ کي گهرائي شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. سنڌ جي آءِ جي جاويد عالم اوڍي واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ شفاف جاچ ذريعي فوتين جي موت جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.


