گمبٽ (رپورٽر) ميرواهه کي 24 ڪلاڪن اندر ٻيو گهارو پوڻ سبب آرارو وٽ لڳ ڀڳ 25 فوٽ ويڪرو گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، جڏهن ته گهاري جو پاڻي مختلف ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي.
ڳوٺاڻن آبپاشي عملي تي مبينا نااهليءَ جا الزام هڻندي چيو آهي ته عملي جي غيرموجودگيءَ سبب هو پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. صورتحال سبب علائقي واسين ۾ خوف ۽ پريشاني پکڙيل آهي.
علائقي واسين آبپاشي کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته گهارو فوري بند ڪرائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي ۽ واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.


