ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪراچي ۽ وفاقي توڙي سول حساس ادارن گڏيل ڪارروايون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) سان لاڳاپيل 3 ۽ سنڌ ريوليوشنري آرمي (ايس آر اي) سان لاڳاپيل هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب، ڪارروايون ابوالحسن اصفهاني روڊ بلاڪ 4 ڀرسان هڪ پارڪ ۽ ڪورنگي ڪازوي ندي ويجهو ڪيون ويون. گرفتار جوابدارن وٽان مجموعي طور 4 دستي بم ۽ هڪ پستول هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن تي ڪراچي ۾ حساس هنڌن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابنديءَ جا الزام آهن. هڪ جوابدار تي پرڏيهي شهري، پوليس جي ڊي ايس پي، ريلوي ٽريڪ ۽ هڪ اهم سياسي شخصيت جي گهر جي مبينا ريڪي ڪرڻ جو به الزام آهي.
سي ٽي ڊي موجب، گرفتار جوابدارن خلاف مختلف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندن مبينا ساٿين ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن. گڏيل ڪاررواين ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن لاءِ تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ نقد انعامن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.


