حيدرآباد (رپورٽ: ذاڪر لغاري) ڪچي قلعي واري علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ مڪي شاهه ٿاڻي جي حد اندر 3 اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري 45 ورهين جي محمد روشن علي ولد شام دين کي قتل ڪري ڇڏيو.
ابتدائي ڄاڻ موجب مقتول گهر ۾ ستل هو ته موٽرسائيڪل تي آيل هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس 3 گوليون لڳيون ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي. اطلاع تي مڪي شاهه پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.


