ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي جي ننڍي ڀاءُ خالد جکراڻي ۽ آزاد جکراڻي جي ڊفينس فيز 6 واري بنگلي تي پوليس چڙهائي جو معاملو سامهون آيو آهي، جنهن بابت خالد جکراڻي ۽ آزاد جکراڻي وڊيو بيان جاري ڪري پوليس ڪارروائي تي اعتراض واريا آهن.
خالد جکراڻي پنهنجي وڊيو بيان ۾ الزام هنيو ته رات اڍائي وڳي سندس غيرموجودگي ۾ 15 پوليس موبائيلن ۾ سوار لڳ ڀڳ 100 اهلڪارن بنگلي تي چڙهائي ڪئي، جتي موجود سندس ڀينرن کي گهلي ٻاهر آندو ويو، سندن موبائيل فون کسيا ويا ۽ کين پوليس موبائيل ۾ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن دعويٰ ڪئي ته پوليس اهلڪار گهر مان ٻه موبائيل فون کڻي ويا، جڏهن ته نوڪرن ۽ ملازمن کي به گرفتار ڪري ويا ۽ گهر ۾ پيل سرڪاري هٿيار پڻ کڻي ويا.
خالد جکراڻي وڌيڪ الزام هنيو ته هو ۽ پ پ ايم پي اي ممتاز جکراڻي واقعي واري هنڌ پهتا ته پوليس اهلڪارن سان منهن ماري ٿي. سندس چوڻ هو ته ملڪيت لکي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ بعد پوليس ذريعي اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي. هن اعجاز جکراڻي تي پوليس مشينري استعمال ڪري ملڪيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام پڻ هنيو.
ٻئي پاسي سعودي عرب ۾ موجود آزاد جکراڻي به وڊيو بيان جاري ڪندي الزام هنيو ته سندن ڀينرن ۽ ڀاءُ خالد جکراڻي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن اعجاز جکراڻي تي ملڪيت جي معاملي تان دٻاءُ وجهڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته معاملي جو حساب ورتو ويندو.


