ملير (رپورٽر) شاهه لطيف ٽائون ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان توسيـف مارجي ويو.
پوليس موجب نوجوان صبح جو ڪم تي وڃڻ لاءِ گهران نڪتو ته رستي ۾ 2 ڦورن کيس روڪي موبائل فون ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو.
اطلاع تي شاهه لطيف ٽائون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعي واري هنڌ جي آس پاس لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون فوٽيجز حاصل ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.


