گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي ٻئي ڪلاس جي شاگرد آريان پٽ نعيم عرف ڪالو ميمڻ جو گهر اندر ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو.
واقعي کانپوءِ وارثن نينگر کي گمس سٽي اسپتال گمبٽ پهچايو، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي گمبٽ صبير ميمڻ واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اسپتال پهچي ڊيوٽي ڊاڪٽر کان پڻ تفصيل معلوم ڪيا. نينگر جي فوت ٿيڻ جا اصل ڪارڻ اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ حقيقتون جاچ کانپوءِ سامهون اچي سگهنديون.


