Focus with Zardari

سکر: 23 سال نوڪري ڪندڙ ملازم بيروزگار، فيڪٽري انتظاميا خلاف احتجاج

1 Min Read

سکر (عبدالغفور شيخ) سکر ۾ مشهور خانگي بسڪٽ فيڪٽري ۾ 23 سال ڪم ڪندڙ ملازم محمد ڪاشف مبينا ناانصافي خلاف احتجاج ڪندي کيس ڊيوٽي تي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پراڻي سکر جي رهواسي محمد ڪاشف الزام لڳايو ته کيس گذريل چئن مهينن کان ڪارخاني ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بار بار فيڪٽري جي گيٽ تي اچڻ باوجود کيس انتظاميا سان ملڻ جي اجازت به نٿي ڏني وڃي.

محمد ڪاشف موجب، شروعات ۾ کيس ٻڌايو ويو ته لائن بند آهي، تنهن ڪري موڪل وٺي وڃي، پر بعد ۾ واپس اچڻ باوجود کيس ڊيوٽي تي نه ورتو ويو.

متاثر ملازم جو چوڻ آهي ته بيروزگار ٿيڻ سبب ننڍڙن ٻارن سميت خاندان کي پالڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

- Advertisement -

محمد ڪاشف فيڪٽري انتظاميا کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ، کيس ٻيهر ڊيوٽي تي بحال ڪرڻ ۽ سندس معاشي مسئلا حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment