نوشهرو فيروز (رپورٽر) مورو ڀرسان ڳوٺ محمد خان سوهو جي رهواسين شهزاد سوهو، شوڪت سوهو، عبداللطيف سوهو، ذوالفقار سوهو ۽ علي محمد سوهو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته هنن علي اصغر سرهيي کان پنج ايڪڙ 25 ويسا زرعي زمين خريد ڪئي آهي، جنهن جي لکيت به وٽن موجود آهي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڳوٺ جا بااثر پئسن جي لالچ ۾ ڄاڻايل زمين پاڻ خريد ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته سندن گهر به ان زمين ۾ موجود آهن. هنن الزام هنيو ته گهر مسمار ڪرائڻ لاءِ پوليس کي استعمال ڪيو پيو وڃي.
هنن چيو ته زمين بابت تڪرار جو فيصلو ٿيو هو، جنهن ۾ سندن حق ۾ فيصلو ڏنو ويو، پر ان باوجود کين موت مار ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪيو پيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن وڌيڪ الزام هنيو ته شهمير سوهو پاران زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ جهيڙو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب ڪنهن به وقت خونريز جهيڙو ٿيڻ جو خدشو آهي.
هنن ايم پي اي ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ زمين جو تڪرار قانوني طريقي سان حل ڪري امڪاني خونريزي کي روڪيو وڃي.


