Focus with Zardari

تعليم واري وزير سيد سردار شاهه سان ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي وفد جي ملاقات

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، جنهن لاءِ تعليم واري وزير جي حيثيت سان هو سمورا ممڪن قدم کڻندو.

هن خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومت پاران ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي ميمبرن جي ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ اعليٰ تعليمي رڪارڊ رکندڙ ذهين ۽ باصلاحيت ٻارن کي تعليمي وظيفا پڻ ڏنا ويندا.

ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي ٻن الڳ الڳ وفدن سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ تعليم کاتي جي عملدارن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.

تعليم کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز سنڌ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر رفيعه جاويد سان ٿيل ملاقات ۾ اداري جو ڊائريڪٽر جنرل محمد افضل ۽ مانيٽرنگ آفيسر اخلاق احمد پڻ موجود هئا.

ڪي يو جي جي وفدن ۾ گرين پينل جو سربراهه سيد حسن عباس، ڪي يو جي جو صدر اعجاز احمد، جنرل سيڪريٽري لبنيٰ جروار نقوي ۽ مجلس عامله جو ميمبر زوهيب حسن زرداري شامل هئا.

انهن ملاقاتن دوران ڪي يو جي جي ميمبرن جي ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ دوران پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت کي اهميت ڏئي رهي آهي، جنهن لاءِ تعليم کاتي پاران هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

هوڏانهن تعليم کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر رفيعه جاويد سنڌ ۾ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي يو جي پاران ڏنل تجويزن کي ساراهيندي عزم ظاهر ڪيو ته مستقبل ۾ به اهڙين هاڪاري ملاقاتن جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment