ڪشمور ( رپورٽ: مرتضيٰ مزاري ) گڊو دريائي پل تي مسافر وين جي سلينڊر مان گئس ليڪ ٿيڻ سبب اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ وين کي نقصان پهتو، جڏهن ته گاڏي ۾ سوار 30 کان وڌيڪ مسافر خوشقسمتيءَ سان محفوظ رهيا. واقعي سبب دريائي پل تي ٽريفڪ جي رواني به متاثر ٿي.
اطلاعن موجب، مسافر وين صادق آباد کان گڊو اچي رهي هئي ته دريائي پل تي پهچڻ دوران سلينڊر مان گئس ليڪ ٿيڻ سبب گاڏي کي اوچتو باهه لڳي وئي. باهه ڀڙڪڻ کانپوءِ وين ۾ سوار مسافرن ۾ خوف ۽ پريشاني پکڙجي وئي.
واقعي جي اطلاع ملڻ تي لاڳاپيل انتظاميا پهچي وئي ۽ باهه تي ضابطو آندو ويو. خوشقسمتيءَ سان واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته باهه سبب وين کي نقصان رسيو.
ٻئي طرف، باهه لڳڻ کانپوءِ وين دريائي پل تي بيهڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن ڪري پل تان ايندڙ ويندڙ گاڏين جي اچ وڃ متاثر ٿي. واقعي سبب مسافرن ۽ ٻين گاڏين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.


