Focus with Zardari
اهم خبرون

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس، خيبرپختونخوا مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عزم

2 Min Read

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي اپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ خيبرپختونخوا سميت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ امن امان جي بحاليءَ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا کي ٻرندو ڇڏي خاموش تماشائي نٿا بڻجي سگهون، جڏهن ته صوبي ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا.

اجلاس ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير، وفاقي وزيرن، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي جي امن امان، پوليس، دهشتگرديءَ جي خاتمي واري کاتي ۽ سيڪيورٽي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ بابت معاملن تي غور ڪيو ويو.

وزيراعظم چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، جڏهن ته پوليس، سيف سٽيز ۽ سي ٽي ڊي لاءِ گهربل سهولتون وفاق فراهم ڪندو. هن خيبرپختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اڳوڻي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي به تنقيد ڪئي.

وزيراعظم موجب، صوبي ۾ پوليس جي خالي جاين، سيف سٽي منصوبن جي نامڪمل هجڻ ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري کاتي جي تربيت بابت مسئلا موجود آهن. هن دعويٰ ڪئي ته اين ايف سي ايوارڊ تحت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ وڏي رقم فراهم ٿيڻ باوجود صوبي ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ٻيهر وڌيا.

- Advertisement -

اجلاس کي خطاب ڪندي گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبي ۾ امن جو قيام گڏيل ترجيح آهي ۽ دهشتگردن توڙي سندن سهولتڪارن جو خاتمو ضروري آهي. هن امن، استحڪام ۽ ترقيءَ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ سهڪار تي زور ڏنو.

Share This Article
Leave a Comment