پشاور(ويب نيوز) اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي تحريڪ انصاف جي پارلياماني سياست ۾ واپسي ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽيءَ اڪثريتي ميمبرن جي راءِ سان کيس مرڪزي ڳالهين واري عمل ۾ صوبي جو نمائندو نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي صوبائي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سهيل آفريدي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير، جڏهن ته جنيد اڪبر پارٽيءَ جو صوبائي صدر آهي. پڌرائيءَ موجب، گذريل اجلاس ۾ ٻنهي عهدن تي تبديلي بابت ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي.
پارلياماني پارٽيءَ وڏي وزير سهيل آفريدي، صوبائي اسيمبليءَ جي اسپيڪر بابر سليم سواتي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ مبينا اغوا جي واقعن تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي. پارٽيءَ عالمي برادريءَ کان حراست هيٺ ماڻهن ۽ مبينا طور اغوا ڪيل اڳواڻن جي بازيابيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته عدالتن کي به اپيل ڪئي ته فوري قانوني ڪارروائيءَ ذريعي سندن بازيابي يقيني بڻائي وڃي.
اجلاس ۾ نئين انتظامي نظام خلاف ٻين سياسي جماعتن ۽ لاڳاپيل ڌرين کي گڏ کڻي تحريڪ هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پارلياماني پارٽيءَ صوبي جي آئيني ۽ جمهوري حقن، چونڊيل قيادت جي بازيابي ۽ عوامي مينڊيٽ جي تحفظ لاءِ سياسي، قانوني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رکڻ جو عزم پڻ ورجايو.


