ٺل (محمد حيات ڪنڊراڻي) ٺل ويجهو آر ڊي 52 ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ پيارو خان کوسو وٽ زميندار کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هڪ ڄڻو مارجي ويو.
پوليس موجب، مارجي ويل ڄڻي جي سڃاڻپ مقصود جمالي طور ٿي آهي، جنهن جو لاش تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪيو ويو.
آر ڊي 52 پوليس موجب، ڪجهه عرصو اڳ بهرام خان کوسو کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪيس ۾ مقصود جمالي نامزد هو ۽ اهو جيل به ڪاٽي چڪو هو.
پوليس جي دعويٰ آهي ته مقصود جمالي ساٿين سميت ٻيهر ساڳئي زميندار کي اغوا ڪرڻ لاءِ آيو، جتي مزاحمت دوران هو مارجي ويو. واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


