پنوعاقل (منشاد احمد) پنوعاقل ۾ قومي شاهراهه تي وي آءِ پي گيٽ وٽ ڪوچ ۾ سوار نوجوان دلدار شيخ ۽ ناري سدره سميجو جي قتل واري واقعي جو بائجي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي 11 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ عبدالمالڪ، عبدالحنان، شير محمد سميجو، بدرالدين، اظھردين ۽ عبدالحڪيم سميجو سميت 11 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
گذريل رات قومي شاهراهه تي وي آءِ پي گيٽ وٽ جوابدارن مسافر ڪوچ روڪي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي قتل ڪري ڇڏيو هو.


