ميهڙ (عبدالله سومرو) ميهڙ جي سينڌل محلي مان چار ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل ڇهين ڪلاس جي شاگرد ضامن علي ڀنڊ جو اڃا تائين پتو پئجي نه سگهيو، وارثن پاران گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاج ڪري وس وارن کان ٻار جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي.
وارثن جو چوڻ آهي ته ضامن علي ڀنڊ چار ڏينهن اڳ گهران گم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي. وارثن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻار جي ڳولا لاءِ تڪڙا قدم کڻي کيس بازياب ڪرايو وڃي.
ياد رهي ته لڳ ڀڳ ڇهه مهينا اڳ به ساڳئي سينڌل محلي مان ڇهن سالن جي ٻارڙي اجالا پروين سولنگي پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي، جيڪا اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي. علائقي مان ٻن ٻارن جي گمشدگي سبب وارثن ۽ شهرين ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي.


