برلن ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري جرمني جي دوري تي برلن پهچي ويو، جتي جرمن وزارت دفاع ۾ سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. جرمني جي صدر فرينڪ والٽر شٽائن مائر صدر آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو، جڏهن ته کيس گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.
صدر آصف علي زرداري جرمن صدر فرينڪ والٽر شٽائن مائر جي دعوت تي جرمني جو دورو ڪري رهيو آهي. هي دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي حوالي سان خاص اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻتہ 23 سالن کانپوءِ ڪنهن پاڪستاني سربراهه مملڪت جو جرمني جو هي پهريون دورو قرار ڏنو پيو وڃي.
هلندڙ سال پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام کي 75 سال پڻ مڪمل ٿي رهيا آهن، جنهن سبب صدر جو هي دورو ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم سمجهيو پيو وڃي.
دوري دوران صدر آصف علي زرداري اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد سان گڏ جرمني جي صدر ۽ اعليٰ حڪومتي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال، معاشي سهڪار ۽ واپار جي واڌاري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته صدر آصف علي زرداري جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ سان گڏ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندو.
پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ واري موقعي تي هي دورو ٻنهي ملڪن جي مستقبل جي سهڪار، اقتصادي لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن جي حوالي سان پڻ اهميت رکي ٿو.


