لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته آن لائن فراڊ ڪندڙن خلاف ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪئي ويندي، جڏهن ته شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو به شخص آن لائن پئسا گهري ته تصديق کانسواءِ هرگز رقم منتقل نه ڪن.
لاهور ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي کليل ڪچهري کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته فراڊ ڪندڙ ڪڏهن بيماري يا ڪنهن مجبوريءَ جو بهانو بڻائي ماڻهن کان پئسا گهرندا آهن، تنهن ڪري عوام اهڙن پيغامن کان خبردار رهي.
محسن نقوي عورتن ۽ ڇوڪرين کي به اپيل ڪئي ته پنهنجون تصويرون ڪنهن سان به شيئر ڪرڻ وقت احتياط ڪن. هن چيو ته ڏوهاري عورتن جون تصويرون ۽ وڊيوز جعلي طريقي سان تيار ڪري کين بليڪ ميل ڪندا آهن.
سندس چوڻ موجب، سائبر ڪرائم بابت ادارن وٽ ڇوڪرين کي هراسان ڪرڻ جا ڪيترائي ڪيس اچن ٿا، جڏهن ته اهڙي بليڪ ميلنگ سبب ڪجهه ڇوڪرين جي خودڪشي ڪرڻ جا واقعا پڻ سامهون آيا آهن.
گهرو وزير دعويٰ ڪئي ته رڳو لاهور ۾ گذريل ڏهن کان ٻارهن ڏينهن دوران ڪال سينٽرن خلاف ڪارروائين ۾ 600 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيل ڪارروائيون ان کان علاوه آهن.
هن چيو ته سائبر ڏوهن ۾ واڌ سبب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ اين سي سي آءِ اي وٽ هن وقت عملي جي کوٽ آهي ۽ سائلين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گهربل نفري پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هڪ سوال جي جواب ۾ محسن نقوي خيبرپختونخواهه جي صورتحال بابت چيو ته ڪجهه ماڻهن حڪومت خلاف هنگامي صورتحال پيدا ڪرڻ ۽ عوام کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي، جن مان ڪيترن خلاف ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آهن.


