شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي خانپور شهر ۾ ٽهيڙي برادري سان تعلق رکندڙ بيواهه عورت شهناز مڱڻهار مبينا تشدد جي نتيجي ۾ فوت ٿي وئي، وارثن پاران ويڳي پٽ تي لٺيون هڻي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.
پوليس موجب عورت جو لاش گهر مان هٿ آيو، جنهن بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، جنهن دوران ڳچيءَ تي رت ۽ زخمن جا نشان مليا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن عورت جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ڪري سگهجي.


