Focus with Zardari
اهم خبرون

ڪراچي ۾ مشهور ڳائڻي حميرا چنا جي ڪار چوري، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو نوٽيس، گاڏي واپس ڪرائڻ جي هدايت

1 Min Read

ڪراچي (آزاد ميراڻي) ڪراچي جي طارق روڊ واري علائقي مان مشهور ڳائڻي حميرا چنا جي ڪار چوري ٿي وئي، واقعي جو صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺي ڇڏيو.

گهرو وزير ايس ايس پي اي وي ايل سي کي ڪار جي جلد واپسي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پوليس موجب ڪار چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري ۽ چوري ٿيل ڪار جي بازيابي لاءِ پوليس ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

Share This Article
Leave a Comment