ڪراچي (ويب نيوز) نيپرا سيپٽمبر مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي في يونٽ 2 رپيا 56 پئسا مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جنهن سان بجلي واهپيدارن تي 32 ارب 66 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوڻ جو امڪان آهي.
ٻڌڻي دوران سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جي اختيارين ٻڌايو ته سيپٽمبر ۾ بجلي جي في يونٽ سراسري فيول لاڳت 10 رپيا 2 پئسا رهي، جڏهن ته ان جو اڳواٽ ڪاٿو 7 رپيا 46 پئسا لڳايو ويو هو.
اختيارين موجب سيپٽمبر دوران بجلي پيدا ڪرڻ تي مجموعي طور 127 ارب 87 ڪروڙ رپيا خرچ آيو. مقامي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ تي 7 ارب 95 ڪروڙ، درآمدي ڪوئلي تي 37 ارب 14 ڪروڙ، ڊيزل تي 13 ارب 26 ڪروڙ، فرنس آئل تي 11 ارب 81 ڪروڙ، مقامي گئس تي 13 ارب 89 ڪروڙ، جڏهن ته ايل اين جي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ تي 31 ارب 93 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا.
سي پي پي اي اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين مجموعي طور 12 ارب 76 ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ڪئي.
پاور ڊويزن جو موقف هو ته سيپٽمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ 5 کان 6 رپيا في يونٽ تائين وڌڻ جو امڪان هو، پر ٻن ڪلاڪن جي لوڊ مينيجمينٽ سميت مختلف قدمن ذريعي ان کي 2 رپيا 56 پئسا في يونٽ تائين محدود ڪيو ويو.


