نوشهروفيروز(عادل عباسي) ڀرياسٽي ويجهو آيان پيٽرول پمپ ڀرسان اوچتو باهه لڳڻ سبب بروهي برادري جي ٻن گهرن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن.
باهه لڳڻ سبب غلام علي بروهي ۽ حمزو خان بروهي جا گهر متاثر ٿيا. باهه جي نتيجي ۾ نياڻي جي ڏاج لاءِ رکيل 3 تولا سون، اناج، کٽون، هنڌ بسترا ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو.
متاثر غلام علي بروهي ۽ حمزو بروهي ٻڌايو ته گهرن کي اوچتو باهه لڳي، جنهن جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هنن شڪايت ڪئي ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو، جنهن سبب سندن گهرن جو سمورو سامان سڙي ويو.
متاثر خاندان ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين وس وارن کان مالي سهائتا ۽ نقصان جو ازالو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


