اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف سنگاپور جي اقتصادي ترقي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ ڪاميابين کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.
اسلام آباد ۾ سنگاپور جي پرڏيهي وزير ويون بالاڪرشِنان سان ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سنگاپور سان پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 60 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي واپار، ڊجيٽل معيشت، فِن ٽيڪ، انفراسٽرڪچر، لاجسٽڪس ۽ ننڍن توڙي وچولي درجي جي ڪاروبارن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات کانپوءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ سنگاپور وچ ۾ سڌيون اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جي امڪان تي پڻ غور ڪيو ويو آهي، جنهن سان ڪاروباري سفر ۽ عوامي رابطن کي هٿي ملي سگهندي.
ٻنهي ملڪن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار بابت مفاهمتي يادداشت جو پڻ مٽاسٽا ڪيو. ان تحت اڳواٽ خبرداري، ريسڪيو صلاحيتن، تربيت ۽ آفتن جي انتظام بابت گڏيل سهڪار کي هٿي ڏني ويندي.
ڳالهين ۾ تعليم، مصنوعي ذهانت، زراعت، موسمياتي تبديلي، ڪاربن مارڪيٽ ۽ يونيورسٽين وچ ۾ سهڪار جا معاملا پڻ شامل هئا. سنگاپور جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي علائقائي امن ۽ سفارتي ڪوششن کي ساراهيو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين فلسطين ۽ ڪشمير سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.


