Focus with Zardari
اهم خبرون

گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي ۾ دير ڪيون ها ته سنگين نتيجا نڪرن ها: وزيراعظم

4 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 13 سالن واري حڪومتي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته صوبي جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ موجود فنڊ شفاف نموني خرچ نه ڪيا ويا.

اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي خيبرپختونخوا سان واسطو رکندڙ پارلياماني ميمبرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ 13 سالن دوران ڪيترائي واعدا، نعرا ۽ دعوائون ڪيون، پر ڊيم، اسپتالون، يونيورسٽيون ۽ اسڪول ٺاهڻ بابت ڪيل واعدن تي عملدرآمد بابت سوال موجود آهن.

هن سوال ڪيو ته صوبي ۾ ڪيتريون نيون يونيورسٽيون ۽ اسپتالون قائم ڪيون ويون ۽ صحت جي نظام ۾ ڪيتري بهتري آندي وئي؟ وزيراعظم موجب پشاور کان ڪوھستان، هزارا ۽ ڏکڻ خيبرپختونخوا تائين عوام جي وڏي انگ کي بنيادي ضرورتن جي پورائي بابت شڪايتون آهن.

شهباز شريف چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ لاءِ خاص اين ايف سي انتظام تحت خيبرپختونخوا حڪومت کي سوين ارب رپيا ڏنا ويا، پر سوال اهو آهي ته صوبي ۾ ڪيترا سيف سٽي منصوبا شروع ڪيا ويا ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري کاتي (سي ٽي ڊي) کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيتري رقم خرچ ڪئي وئي؟

- Advertisement -

وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ 80 ارب رپيا خرچ ڪري ها ته سيڪيورٽي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ها.

هن چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ لڳ ڀڳ 80 هزار انساني جانيون وڃايون، جڏهن ته ملڪي معيشت کي لڳ ڀڳ 15 هزار ارب رپين جو نقصان پهتو.

وزيراعظم موجب 2017ع ۽ 2018ع تائين خيبرپختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جي سرگرمين تي وڏي حد تائين ضابطو آندو ويو هو، پر افغانستان مان دهشتگردن جي سوات ۾ آباد ٿيڻ سبب صورتحال ٻيهر خراب ٿي.

شهباز شريف چيو ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙي هئي، پر ڳالهين دوران اڳوڻي وڏي وزير سهيل آفريدي جي منظوري نه ملڻ سبب مسودو صحيح نه ٿي سگهيو.

هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت وٽ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه رهيو هو ۽ اهو فيصلو وقتائتو هو.

- Advertisement -

وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جي خيبرپختونخوا سان واسطو رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو ڊگهي مدي وارن منصوبن بدران عوام جي بنيادي ضرورتن کي ترجيح ڏين ۽ ايندڙ ڇهن مهينن کان هڪ سال اندر مڪمل ٿيندڙ فلاحي منصوبن تي ڌيان ڏين.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت 11 آڪٽوبر تي خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪيو هو، جنهن جي منظوري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مخالف ڌر جي احتجاج باوجود ڏني وئي هئي. وفاقي حڪومت جو موقف هو ته صوبائي حڪومت دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ گهربل ڪردار ادا نه ڪري رهي هئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ان فيصلي تي اعتراض ڪندي چيو هو ته صوبي جي سيڪيورٽي بابت فيصلن ۾ کيس نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment