گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ ۾ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي اڳواڻي ۾ سولنگي، جاگيراڻي تڪرار واري علائقي ۾ ٻئي ڏينهن به پوليس آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 9 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.
پوليس جي وڏي نفري هيوي مشينري سان گڏ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ۾ ڪوٽ پل واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران جهيڙي ۾ ملوث ٻنهي برادرين جي گهرن کي مسمار ڪيو ويو، جڏهن ته سولنگي ۽ جاگيراڻي ڌرين جا ٺاهيل مورچا پڻ ختم ڪيا ويا.
خيرپور پوليس جي ترجمان موجب گذريل ڏينهن به ساڳئي علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو هو، جنهن دوران گهرن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ 30 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو هو. پوليس موجب تڪرار واري علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن.


