Focus with Zardari
اهم خبرون

نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 15 ورهين جو نوجوان فوت

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) مورو قومي شاهراهه تي الجده هوٽل سامهون تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ورهين جو نوجوان انصاف ٻرڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

فوتي نوجوان درسن جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. حادثي بعد نوجوان جو لاش مورو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

واقعي بابت مورو درس پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment