خيرپور ۾ ڦر جي واردات خلاف جانوري برادري جي ماڻهن بي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته خيرپور شهر ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي. گذريل رات بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي نوجوان معروف جانوري کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ آءِ فون موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پر واقعي باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نوجوان معروف جانوري کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون واپس ڪرايا وڃن ۽ واردات ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري شهر ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.


