Focus with Zardari
اهم خبرون

پنجاب حڪومت تي ڪرپشن جا الزام لڳائيندڙ وفاقي وزير چوڌري سالڪ کي عدالت ۾ گهلينديس: مريم نواز

4 Min Read

اٽڪ ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين کي پنجاب حڪومت تي ڪرپشن جا الزام لڳائڻ تي هرجاڻي جو قانوني نوٽيس موڪلڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن وٽس ڪرپشن جا ثبوت موجود آهن ته اهي عوام آڏو پيش ڪري، ٻي صورت ۾ کيس عدالت ۾ وٺي وينديس.

اٽڪ ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته چوڌري سالڪ حسين وفاقي وزير آهي، تنهن ڪري کيس الزام لڳائڻ بدران ثبوت پيش ڪرڻ گهرجن. هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت ايتري ڪرپٽ آهي ته پوءِ هو ان حڪومت سان گڏ وزير بڻجي ڇو ويٺو آهي؟

مريم نواز وڌيڪ چيو ته سفارش تي عهدن تي پهچندڙ ماڻهو ملڪ ۽ عوام جو نقصان ڪن ٿا.ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپس شاگردن جو حق آهن

مريم نواز چيو ته هوءَ اٽڪ ۾ ليپ ٽاپس ۽ اسڪالرشپس ورهائڻ نه، پر شاگردن جي ڪاميابين کي ماءُ جي حيثيت سان ساراهڻ آئي آهي. هن چيو ته ليپ ٽاپس ۽ اسڪالرشپس شاگردن جي محنت جو ثمر ۽ سندن حق آهن.

- Advertisement -

هن وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي شاگردن وسيلن جي کوٽ ۽ سياسي طور ڀڙڪائڻ جي باوجود محنت جو رستو نه ڇڏيو. ماضيءَ جي خرابين تي ڳالهائڻ بدران مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. مان پنهنجو رپورٽ ڪارڊ کڻي اوهان وٽ ايندي آهيان، ان جو جائزو وٺو ۽ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪريو.

مريم نواز موجب، هر شاگرد جي پنهنجي جدوجهد ۽ محنت جي ڪهاڻي آهي، جڏهن ته ماضيءَ ۾ ڪيترائي مستحق ۽ ذهين شاگرد ليپ ٽاپس ۽ اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ کان محروم رهيا.

پنجاب ۾ 300 نواز شريف اسڪولز آف ايمننس قائم ڪرڻ جو اعلان

مريم نواز چيو ته هاڻي وسيلن جي کوٽ سبب پنجاب جو ڪو به ٻار تعليم کان محروم نه رهندو. پنجاب واحد صوبو آهي، جيڪو شاگردن کي ليپ ٽاپس، اسڪالرشپس ۽ موٽر سائيڪلون پڻ فراهم ڪري رهيو آهي.

هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ 300 نواز شريف اسڪولز آف ايمننس قائم ڪيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته تعليم جو انقلاب پاڻمرادو نه آيو آهي، پر ان لاءِ مسلسل محنت ڪئي وئي آهي.

- Advertisement -

عورتن جي تحفظ ۽ سرڪاري ادارن جي بهتريءَ تي زور

وڏي وزير چيو ته پنجاب جو هر ٻار ۽ هر نياڻي کيس پنهنجي اولاد وانگر عزيز آهي ۽ هوءَ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهي آهي ته پنجاب عورتن لاءِ محفوظ صوبو بڻجي.

هن دعويٰ ڪئي ته سرڪاري اسڪولن ۽ اسپتالن جو معيار بهتر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ستھرا پنجاب منصوبي تحت ٻه لک ملازم صوبي جي صفائيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

- Advertisement -

اٽڪ ۾ 850 ڪلوميٽر روڊ ۽ گرين بسون

مريم نواز ٻڌايو ته اٽڪ ضلعي ۾ گذريل ٻن سالن دوران 850 ڪلوميٽر روڊ تعمير ڪرايا ويا آهن ۽ شهر ۾ گرين بسون پڻ هلن ٿيون.هن چيو ته اٽڪ لاءِ وڌيڪ گرين بسون کڻي آئي آهيان، جن جي افتتاحي تقريب ۾ شاگردن کي پڻ دعوت ڏني ويندي.

پنجاب جي وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته جتي پنجاب جي سرحد ختم ٿئي ٿي، اتي ترقي به ختم ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته هوءَ اهڙي وڏي وزير ناهي، جيڪا رڳو مسئلا ڳڻائي، پر مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment