ڊاڪٽر فهميده لغاري مبينا آپگهات ڪيس، ڊجيٽل ثبوت اهميت اختيار ڪري ويا

4 Min Read

ميرپورخاص ( ويب ڊيسڪ ) ميرپورخاص جي خانگي ميڊيڪل ڪاليج اندر ھراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ فھميدا لغاري ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص پاران جوڙيل ٻن ٽيمن پاران بيان رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جاچ ٽيم کي ھن وقت تائين 60 وائيس نوٽس ۽ فھميدا جا پنھنجي ڪلاس فيلوز سان سوشل ميڊيا تي ڪيل ڳالھين جا 12 ھزار ميسيجز مليا آھن. خانگي ميڊيڪل ڪاليج اندر ھراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فھميدا لغاري ڪيس جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ طرفان جوڙيل ڪميٽي ميرپورخاص پھتي. ڪميٽيءَ جي سربراھ ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر ايس ايس پي آفيس ۾ وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ بعد ۾ خانگي ڪاليج ۾ پھچي شاگردن ۽ شاگردياڻين جا بيان قلمبند ڪيا ويا. ان ڏس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ايس ايس پي سھائي ٽالپر چيو تھ اڳ ۾ ڪاليج مان جيڪي سي سي ٽي وي فٽيجز مليا ھئا ۽ گڏوگڏ جوابدار ڄاڻايل شاگرد عبداللھ جي ليپ ٽاپ مان سندس سوشل ميڊيا تان جيڪي ميسيجز مليا ھئا، انھن بابت شاگردن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي تھ انھن ۾ ڪيتري صداقت آھي؟ ھن چيو تھ في الحال ڪا بريڪ ٿرو واري ڳالھ ناھي، ڪيس اڳ ئي حل ٿيل آھي، ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار ٿيل آھن ۽ ٻيا ضمانت تي آھن. ھن چيو تھ جيڪي ڊجيٽل شاھديون مليون آھن، اسان ھن وقت انھن جي ڪراس ويريفڪيشن ڪري رھيا آھيون ۽ اھو عمل اٽڪل 50 کان 60 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آھي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ ھٿ ڪيل موبائل ۽ ليپ ٽاپ ھٿ ڪيا آھن، جيڪي پنجاب سائنس ليبارٽري موڪليا ويا آھن. سھائي عزيز چيو تھ فھميدا جي موبائل تي پاسورڊ لڳل آھي، جيڪو پڻ سائنس ليبارٽري موڪليو ويو آھي، جتان رپورٽ ايندي تھ اتان وڌيڪ نتيجن تائين پھچي سگھنداسين. ھن چيو تھ ھن وقت تائين 60 وائيس نوٽس مليا آھن، جڏھن تھ فھميدا جي سوشل ميڊيا تي پنھنجي ڪلاس فيلوز سان ڪيل ڳالھ ٻولھ جا 12 ھزار ميسيج مليا آھن. سھائي عزيز چيو تھ آءِ جي سنڌ وٽ فھميدا ڪيس جي حوالي سان جيڪا عورت اڳواڻن ۽ ھيومن رائيٽس ايڪٽوسٽس جي ملاقات ٿي آھي، ان ۾ آءِ جي جو چوڻ آھي تھ اھا انتھائي افسوسناڪ ڳالھ آھي تھ تعليمي ادارن ۾ جيڪڏھن شاگردياڻين سان ھراسمينٽ ٿئي ٿي ھراسمينٽ ايڪٽ تحت جيڪي اينٽي ھراسمينٽ ڪميٽيون ٺھڻيون آھن، انھن کي فعال ڪرائڻ ۾ پوليس جو اھم ڪردار ھجڻ گھرجي. ھن چيو تھ آءِ جون اھي بھ ھدايتون آھن تھ ھن جاچ ڪميٽيءَ جي اينٽي ھراسمينٽ ڪميٽيءَ جي حوالي سان جيڪا بھ فائنڊنگس ھوندي، اھا بعد ۾ پي ايم ڊي سي ۽ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ڏانھن موڪلي ويندي. ھن چيو تھ ھن جاچ دوران ملندڙ معلومات بابت اسان کي ٽي کان چار ڀيرا ڳالھين جي تصديق ڪرڻي پوي ٿي. ھن چيو تھ اسان مٿس ذميواري عائد ٿئي ٿي تھ 100 سيڪڙو تفصيل ۾ وڃي جاچ ڪريون ۽ جيڪي ماڻھو ڪيس ۾ نامزد آھن، انھن جو فھميدا واقعي ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو ڪردار ھو.ٻئي طرف ڊي آء جي ميرپورخاص پاران جوڙيل ڪميٽي اڄ ايس ايس پي ميرپورخاص جي سربراھي ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليج پھتي جتي ڪاليج جي چانسلر، پرنسيپل، پرنسيپل جي گھر واري سميت فھميدا جي ڪلاس فيلو شاگردن ۽ شاگردياڻين جا بيان رڪارڊ ڪيا.

Share This Article
Leave a Comment