نوشهروفيروز (رپورٽ: عادل عباسي) نوشهروفيروز ۾ انٽرميڊيٽ امتحانن دوران ڪاپي روڪڻ لاءِ انتظاميه جي ڪارروائين خلاف شاگردن سخت احتجاج ڪندي ڊپٽي ڪمشنر آفيس جو گيٽ بند ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب اسسٽنٽ ڪمشنر طرفان امتحاني مرڪزن تي ڪاپي روڪڻ ۽ موبائل فون جي استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي، جنهن دوران ڪيترن ئي شاگردن جا موبائل فون ضبط ڪيا ويا. ان عمل خلاف شاگردن سخت ردعمل ظاهر ڪيو.

احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هو ته سندن موبائل فون فوري طور واپس ڪيا وڃن ۽ امتحاني مرڪزن تي اختيارين طرفان نرم رويو اختيار ڪيو وڃي. شاگردن الزام هنيو ته ڪارروائي هڪ طرفي آهي، جنهن سبب سندن مسئلا وڌي رهيا آهن.
شاگردن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ڊي سي آفيس جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو، نعريبازي ڪئي ۽ ڪجهه وقت لاءِ داخلا ۽ نڪرڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب انتظامي ڪم به متاثر ٿيو.
ٻئي پاسي انتظاميا جو موقف آهي ته امتحانن کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڪاپي جي روڪٿام ۽ موبائل فون جي استعمال تي پابندي ضروري آهي، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي آهي۔


