کرڙاهه مان ڇهه ڏينهن اڳ گم ٿيل معصوم نينگري جو لاش هٿ

2 Min Read

خيرپور جي علائقي کرڙاه مان 6 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ڪيل نينگري انيسا ڦُل کي ظالمن بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي نينگري جو پوريل لاش هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب کرڙاهه 7 ورهين جي نينگري انيسا ڦل جو تشدد ۽ تذليل ٿيل لاش سندس ڳوٺ ڳڻڇي ڀرسان زمين ۾ پوريل حالت ۾ هٿ آيو.

نينگري جي وارثن پونيءَ ۽ ڪپڙن مان لاش جي سڃاڻپ ڪئي، پوليس موجب نينگري جو لاش ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ٺري ميرواه منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس ٻڌائي ٿي ته نينگري جي ڪيس ۾ 3 جوابدار گرفتار آهن، جن ۾ نعمت لاشاري، گل محمد عرف گُلو ملاح ۽ وزير ڦُل شامل آهن، جن مان هڪ جوابدار نعمت لاشاري جي نشاندهي تي نينگريءَ جو پوريل لاش هٿ ڪيو ويو.

پوليس ذريعن موجب نينگري جي امڙ نسرين کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو هو، جنهن جا ٽنهي جوابدارن  سان مبينا طور ناجائز لاڳاپا هئا ۽ سندن گهر ۾ اچڻ وڃڻ به هيو، پوليس عورت جي ماءُ نسرين ڦل سميت چئن عورتن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي اهي.

نينگريءَ جو اغوا ڪيس سندس والد محمد حيات ڦل جي فرياد تي پير وسڻ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.

انيسا  جي وارثن نينگري جو لاش پير وسڻ ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هنيو ۽ مطالبو ڪيو ته نينگري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment