واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي قيادت وچ ۾ اختلاف وڌي رهيا آهن، هن آبنائي هرمز ۾ بارودي سرنگهون وڇائيندڙ سموريون ٻيڙيون به تباه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
آمريڪي صدر ٽرٿ سوشل تي هڪ نئين پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران کي ان ڳالهه جو تعين ڪرڻ ۾ ”تمام گهڻي مشڪل پيش اچي رهي آهي ته سندن ليڊر ڪير آهي، ٽرمپ لکيو ته انهن کي واقعي خبر ناهي.
هن دعويٰ ڪئي ته ملڪ ۾ ”سخت گير“ ۽ ”اعتدال پسند“ ڌڙن وچ ۾ اندروني اختلاف جاري آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا کي آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول حاصل آهي ۽ آمريڪي منظوري کانسواءِ ڪوبه جهاز نه داخل ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي روانو ٿي سگهي ٿو.
ان کان اڳ هڪ ٻي بيان ۾ آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي هئي ته هن آمريڪي نيوي کي ايران جي ڪنهن به اهڙي جهاز تي فائرنگ جو حڪم ڏنو آهي جيڪو بارودي سرنگون وڇائي رهيو هجي.
واضح رهي ته ايران جي سپريم ليڊر، مجتبىٰ خامنه اي، بابت معلوم آهي ته سمورن وڏن معاملن ۾ حتمي فيصلو سندس ئي هوندو آهي، پر مارچ جي شروعات ۾ مقرري کانپوءِ هو عوامي سطح تي نظر ناهي آيو ۽ نه ئي تازي ويڊيوز يا تصويرن ۾ ڏيکاري ڏنو آهي.
هڪ سينيئر ايراني سرڪاري اهلڪار چيو ته ڳالهيون ڪندڙ خامنه اي جي ”هدايت“ تحت ڪم ڪن ٿا، هن ڳالهين جو سڌي ريت ذڪر ته نه ڪيو پر هن سان سلهاڙيل تازي پيغامن ۾ آمريڪا تي تنقيد ڪئي وئي آهي.
مذاڪراتي ٽيم، پارلياماني اسپيڪر محمد باقر قالي باف ۽ پرڏيهي وزارت جا اهلڪار، جهڙوڪ عباس عراقچي، تازي هفتن ۾ وڌيڪ نمايان نظر آيا آهن. قالي باف جا ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) سان گهرا لاڳاپا آهن، جنهن جو اثر هڪ روايتي فوجي ڪردار کان گهڻو اڳتي آهي.
جيتوڻيڪ IRGC ڪيترائي سينيئر فوجي اهلڪار وڃايا آهن، پر اها اڃا به ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جي قيادت واري حڪومت جي متوازي هڪ ڍانچي طور ڪم ڪري ٿي. صدر پزشڪيان بيان جاري ڪري رهيو آهي، پر هي سوال موجود آهي ته سندس وٽ حقيقت ۾ ڪيتري طاقت آهي.


