غير ضروري طور گهران نه نڪرو؟ اهم الرٽ جاري ٿي ويو

2 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي ڏاکڻي حصن ۾ 29 اپريل کان 3 مئي تائين هلڪي شدت جي هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.

موسميات کاتي موجب 27 اپريل جي رات کان 29 اپريل تائين، جڏهن ته 3 کان 5 مئي دوران ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ اولهه هوائن جو سلسلو اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب گرمي پد 2 کان 4 ڊگري سينٽي گريڊ گهٽجڻ جو امڪان آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مئي کان جولاءِ دوران ”ايل نينو“ جون حالتون پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي.
ايل نينو“ هڪ قدرتي موسمي عمل آهي، جنهن تحت بحرالڪاهل جي مرڪزي ۽ اوڀر حصن ۾ سمنڊ جي سطح جو گرمي پد وڌي ويندو آهي، جنهن سان هوائن، دٻاءَ ۽ برسات جي نظام ۾ تبديلي ايندي آهي.

موسميات کاتي موجب مئي ۽ جون سال جا گرم ترين مهينا شمار ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب، سنڌ جا مٿانهن علائقا ۽ ڏکڻ ۽ اوڀر بلوچستان ملڪ جا هيٽ ويو سان متاثر علائقا آهن، جتي گرمي پد 52 ڊگري تائين به پهچي ويندو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن علائقن ۾ مئي ۽ جون دوران گرمي پد عام طور تي 43 کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهندو آهي پر موجوده صورتحال ۾ اهو معمول کان 2 کان 4 ڊگري وڌيڪ رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.

موسميات کاتي موجب صورتحال تي مسلسل نظر آهي ۽ جيڪڏهن هيٽ ويو جي شدت ۾ واڌ ٿي ته وقت سر آگاهي ڏني ويندي، جڏهن ته شهرين کي صبح جو 11 کان شام 4 وڳي تائين غير ضروري طور گهرن مان نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي اهي.

Share This Article
Leave a Comment