بدين ۾ ظلم ٿي ويو، پٽ ماءُ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

1 Min Read

بدين ( رپورٽر) بدين جي  ملڪاڻي شريف ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي نشئي پٽ مبينا طور پنهنجي پيرسن ماءُ کي ڪهاڙين جا وار ڪري بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳوٺاڻن کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ڳوٺاڻن موجب مقتولا الھبچائي زال بچل ملاح پاڻي ڀرڻ لاءِ شاخ تي وئي هئي ته سندس پٽ وسيم ملاح نشي جي حالت ۾ اچي مٿس حملو ڪري قتل ڪيو.

پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب جوابدار نشئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment