تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جو چوڻ آهي ته آمريڪا هاڻي ٻين ملڪن تي پنهنجي مرضي مڙهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي رهيو.
ميڊيا رپورٽن موجب ايراني دفاع واري وزارت جي ترجمان رضا طلائي نيڪ جو چوڻ آهي ته آمريڪا هاڻي ان لائق ناهي ته هو ٻين ملڪن کي “ڊڪٽيٽ” ڪري سگهي (حڪم هلائي سگهي).
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا وچ اوڀر جي جنگ جي خاتمي لاءِ ايران طرفان پيش ڪيل هڪ نئين تجويز تي غور ڪري رهيو آهي.
ان تجويز ۾ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهين کي اڳتي ڪنهن تاريخ تائين ملتوي ڪرڻ به شامل آهي.
سرڪاري ٽي وي موجب، ايران جي دفاع واري وزارت جي ترجمان رضا طلائي نيڪ جو چوڻ آهي ته آمريڪا هاڻي ان پوزيشن ۾ ناهي ته هو آزاد ملڪن کي پنهنجي پاليسيءَ جو حڪم ڏئي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي حڪومت کي اها ڳالهه قبول ڪرڻ گهرجي ته کيس پنهنجا غير قانوني ۽ غير منطقي مطالبا ترڪ ڪرڻا پوندا.


